PKForum - سکر لوهي پل
Halat e Hazra | سکر لوهي پل
Avatar * MONSTER * WAP *
Creator: * MONSTER * WAP
* Created by: 25 Jan 2022 - 09:32
Name: سکر لوهي پل
img

سکر لوهي پل

سکر جي لوهي پل 130 سال پهريان دريا جي مٿان قائم ڪيل هڪ شاندر پل آهي ,انگريزن سنڌ جي ٻن تاريخي شهرن سکر ۽ روهڙي کي پاڻ ۾ گڏائڻ لاءِ هي پل قائم ڪئي ,تعمير جي وقت هي پل پنهنجي پهچان جي پاڻ مٽ هئي هن پل کي ڪو به پيلر يا سپورٽ ناهي
دريا جي مٿان هن عظيم پل جو ڪم سن 1887 ۾ شروع ٿيو ٻه سال لڳتار ڪم هلڻ کان پو 25 مارچ 1889 هي پل ٺاهي مڪمل تيار ٿي ,ان ٽائم ان پل جو نالو Lord Landsdwon رکيو ويو
هي پل تقريبن 900 فٽ طويل آهي جنهن جي تعمير تي ان وقت جا خرچ ٿيندڙ 40 لک رپيا خرچ ٿيا ۽ هن پل تي 6 مزدور پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويٺا هن پل جو ڊانچو 33 سئو ٽن وزني آهي چيو وڃي ٿو ته ڊانچو لندن ۾ گهرايو ويو هو جنهن کي Alex Zendar نامي انجنيئر نامي ڊيزائين ڪيو هو
مئي 6 1962 ۾ ايوب پل تعمير ٿي ته هن پل کي ٽرين جي لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ريلوي ٽريفڪ نئي پل تي منتقل ڪئي وئي ۽ هي پل هاڻي صرف گاڏين جي لاءِ استمعال ڪئي وڃي ٿي
ايوب پل جڏهن ٺاهي مڪمل تيار ٿي ته ڪو به ريل گاڏي جو ڊرائيور ان بغير پيلر جي پل تي وڃڻ لاءِ تيار نه هو
پوء انگريزن جيل ۾ سزا ڪٽيندڙ عمر قيدين ۾ اهو اعلان ڪيو ته جيڪو به هن بغير پيلر واري پل تان ريل گاڏي سکر کان روهڙي پهچائي اڻيندو ته ان جي سزا معاف ڪري سندن کي با عزت بري ڪيو ويندو ڪجهہ قيدين ان ڳالهہ هامي ڀري ۽ انهن کي سکيا ڏني وئي پر سڀني قيدين مان پاس ٿيندڙ هڪ ئي قيدي جمالو هو جيڪو ان پل تان ريل گاڏي سکر کان روهڙي طرف ڪاهي وڃڻ لاء راضي ٿيو
نيٺ جمالو ريل گاڏي ڪاهي صحيح سلامت روهڙي اچي پهتو سندن کي ريل گاڏي ٻئي طرف ڪاهي پهچڻ تي ماڻهن جي منهن مان اهي لفظ نڪتا او جيڪو سکر واري پل تي هوجمالو
۽ ان ڏينهن کان پوء اسان سنڌي ان جمالي کي ڀت شادين ۽ ٻين خوشين ۾ ياد ڪندا آهيون




FB_IMG_1643085060913
Share (0)
No comments in the topic
*
* Forum | General | Halat e Hazra
* Home
© www.pak4m.com - 2022
Online: 1 & 8 | Computer version
PGen: 0.059 sec
© Pak4m.Com